ڀارتي ڪشمير ۾ جهڙپون، ٻه ويڙهاڪ ۽ چار ڀارتي فوجي مارجي ويا

وڪي اخبار کان

25 نومبر 2006

ڀارتي فوجي ذريعن مطابق ڪشمير ۾ ويڙهاڪن سان جهڙپن دوران چار ڀارتي فوجي ۽ ٻه ويڙهاڪ مارجي ويا آهن.

رات دير سان شروع ٿيل ويڙهه جي اڃا تائين جاري هجڻ جا اطلاع آهن. اها ويڙهه سرينگر کان 35 ميل ڏکڻ طرف ٿي رهي آهي. ياد رهي ته ڪشمير ۾ جاري ويڙهه ۾ 1989ع کان هن وقت تائين 45 هزار ماڻهو موت جو کاڄ ٿي چڪا آهن.

ان علائقي تي تنازعي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٻه جنگون پڻ ٿيون هيون. هن وقت ٻنهي ملڪن ۾ امن ڳالهيون هلندڙ آهن.

ذريعا