ڀارتي ڪشمير ۾ ست ويڙهاڪ مارجي ويا، مارجي ويل پاڪستاني هئا، ڀارتي فوجي ترجمان

وڪي اخبار کان

ڀارتي ڪشمير ۾ فوج جي مختلف جهڙپن دوران گهٽ ۾ گهٽ ست ويڙهاڪن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي آهي. ڀارتي فوج جي ترجمان مطابق مارجي ويل پاڪستان هئا ۽ انهن وٽان ٽي ريڊيو سيٽ ۽ هٿيار لڌا ويا آهن.

اهڙي هڪ جهڙپ آچر تي صبح جو ٿي جنهن ۾ چار ويڙهاڪ مارجي ويا. جن کي پاڪستاني چيو پيو وڃي. واقعو بارامولا ضلعي ۾ ٿيو جڏهن ڀارتي فوج خبردار ڪري ڪجهه ماڻهن کي بيهڻ جو چيو، ڀارتي فوجي ترجمان مطابق انهن جي نه بيهڻ سبب فوج فائرنگ ڪري ڏني.

ڀارتي فوجي ترجمان مطابق مارجي ويلن ۾ هڪ عورت پڻ شامل آهي، غيرجانبدار ميڊيائي حلقن انهن جي پاڪستاني هجڻ جي تصديق نه ڪئي آهي.

ذريعا