ڀارتي ڪشمير ۾ فوج سان جهڙپ دوران ٽي ويڙهاڪ مارجي ويا، ٻه ڀارتي فوجي زخمي
ڏيک
1 ڊسمبر 2006
ڀارتي ڪشمير ۾ فوج ۽ ويڙهاڪ وچ ۾ ٿيل جهڙپ دوران ٽي ويڙهاڪ مارجي ويا جڏهن ته ٻه ڀارتي فوجي زخمي ٿي پيا.
ذريعن مطابق اها جهڙپ اڌمپور جي جهنگ ۾ ٿي، جهڙپ بعد ڀارتي فوج طرفان ٻيلي ۾ موجود ٻين ويڙهاڪن جي تلاش شروع ڪري ڇڏي.
ٻئي طرف بارامولا ۾ هڪ ڌماڪي سبب ٻه ڀارتي فوجي زخمي ٿي پيا ڌماڪي جو شڪ حزب الله تي ظاهر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب حزب الله ڌماڪي جي ذميواري قبولي ورتي آهي.