ڀارتي ڪشمير ۾ هڪ فوجي پنهنجي ٽن ساٿين کي ماري ڇڏيو

وڪي اخبار کان

21 آڪٽوبر 2006

ڀارتي ڪشمير ۾ هڪ فوجي جوان پنهنجي ٽن ساٿين کي معمولي تڪرار سبب گوليون هڻي ماري ڇڏيو آهي.

ذريعن مطابق فوجي جوان پنهنجي رائيفل کي استعمال ڪندي اهو عمل ڪيو ۽ آخر ۾ پنهنجو پاڻ کي پڻ ڌڪي وڌائين، کيس اسپتال پهچايو ويو آهي. جڏهن ته ٻه ٻيا فوجي جوان پڻ زخمي ٿي پيا.

ياد رهي ته ڀارتي ڪشمير ۾ 1989ع کان هن وقت تائين لڳ ڀڳ 45000 ماڻهو چڪرين ۾ مارجي چڪا آهن.

ذريعا