ڀارتي ڪشمير ۾ هڪ مسجد ڀرسان گرنيڊ فائر، 5 ماڻهو مارجي ويا

وڪي اخبار کان

10 نومبر 2006

ڀارتي پوليس ذريعن موجب ڪشمير جي شهر سرينگر کان ڏکڻ طرف هڪ ڳوٺ ۾ ويڙهاڪن هڪ مسجد طرف گرنيڊ فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 30 ماڻهو زخمي ٿي پيا. زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي.

هڪ ٻيو گرنيڊ سرينگر ۾ فائر ڪيو ويو جنهن ۾ ٻه فوجي ۽ پنج شهري زخمي ٿي پيا آهن. بعد ۾ ٻن مذهبي تنظيمن فون تي هڪ نيوز ايجنسي کي چيو ته اهي حملا اسلام مخالف آهن. انهن حملن جي مذمت پڻ ڪئي.

ذريعا