ڀارتي ڪشمير ۾ ويڙهاڪن جي حملي ۾ هڪ ماڻهو فوت 23 زخمي

وڪي اخبار کان

28 آڪٽوبر 2006

ڀارتي ڪشمير ۾ نامعلوم ويڙهاڪن هينڊ گرنيڊ سان پوليس تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي جڏهن ته 23 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

چيو ويو آهي ته گرنيڊ پوليس گاڏيءَ تي اڇلايو ويو پوليس گاڏي ان وقت هڪ مصروف مارڪيٽ مان گذري رهي هئي. ڪنهن به ان واقعي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.

ياد رهي ته اها ويڙهه 1989ع کان شروع ٿي هئي ان ويڙهه جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 68 هزار کان مٿي ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا آهن.

ذريعا