ڀارتي ڪشمير ۾ ويڙهاڪن هٿان هڪ اسپيشل پوليس آفيسر مارجي ويو، هڪ عورت سميت پنج ماڻهو زخمي

وڪي اخبار کان

6 نومبر 2006

ڀارتي ڪشمير جي ضلعي ڊوڊا ۾ ويڙهاڪن جي حملي ۾ هڪ اسپيشل پوليس آفيسر مارجي ويو آهي جڏهن ته هڪ عورت ۽ هڪ پوليس اهلڪار سميت مختلف واقعن ۾ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس ذريعن مطابق هڪ پوليس آفيسر نالي ظفر احمد ولد غلام محي الدين ڊوڊا ضلعي ۾ مارجي ويو آهي. جڏهن ته پلواما ضلعي ۾ ٿيل هڪ ٻئي واقعي ۾ هڪ عورت سميت ٽي ماڻهو زخمي ٿي پيا. زخمين کي اسپتال پهچايو ويو آهي.

ڀارتي دفاعي ترجمان جي چوڻ مطابق چار نوجوانن کي اتر ڪشمير مان گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪي پاڪستاني ڪشمير ڏانهن سکيا لاءِ وڃي رهيا هئا.

ذريعا