ڀارتي ڪشمير ۾ ٻن حزب الله ويڙهاڪن سميت پنج ڄڻا مارجي ويا
ڏيک
24 آڪٽوبر 2006
ڀارتي ڪشمير ۾ پاڪستان حامي ٻن حزب الله ويڙهاڪن سميت پنج ماڻهو مارجي ويا آهن.
خبر مطابق اها جهڙپ ڀارتي سيڪيورٽي فورس ۽ حزب الله ويڙهاڪن وچ ۾ ڪشمير جي ضلعي ڊوڊا ۾ ٿي. ويڙهه ۾ ايس پي او نريش پڻ زخمي ٿيو آهي، چيو ويو آهي ته ٻه ايم ڪي رائفل پڻ هٿ آيون آهن.