ڀارتي ڪشمير ۾ ٽن عورتن سميت ڇهه ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ ٻه مذهبي جهادي پڻ شامل آهن

وڪي اخبار کان

5 نومبر 2006

ڀارتي ڪشمير ۾ ٽن عورتن سميت ڇهه ڄڻا مارجي ويا آهن، پوليس موجب مارجي ويلن ۾ ٻه انتهاپسند پڻ شامل آهن.

پوليس مطابق اڌمپور جي هڪ ڳوٺ ۾ نامعلوم ماڻهن گهر ۾ داخل ٿي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گهر جا ٽي ڀاتي زال، مڙس ۽ سندن ڌي مارجي ويا. چيو ويو آهي ته کين فوج جي مخبر هجڻ جي شڪ ۾ ماريو ويو.

جڏهن ته ٻئي واقعي ۾ پوليس کي اطلاع مليو ته هڪ خفيه ٺڪاڻي ۾ دهشتگرد لڪل آهن جتي پوليس ڪاروائي ڪري ٻن انتهاپسندن کي ماري وڌو. چيو ويو آهي ته مارجي ويلن جو تعلق لشڪر طيبه سان هو. انهن وٽان هٿيار ملڻ جي دعوا پڻ ڪئي وئي آهي.

ذريعا