ڀارتي ڪشمير ۾ پاڪستان حامي اهم حزب الله ويڙهاڪ مارڻ جي دعوا

وڪي اخبار کان

8 نومبر 2006

ڀارتي سرڪاري ذريعن مطابق پاڪستان حامي حزب الله ويڙهاڪ ڪشمير جي ڊوڊا ضلعي ۾ فوجين هٿان مارجي ويو آهي. مارجي ويل ويڙهاڪ جو نالو گل محمد عرف ابو حمزا ٻڌايو ويو آهي.

مارجي ويل ويڙهاڪ لاءِ چيو ويو آهي ته اهو حزب الله جو 2001ع کان ٻيون نمبر ڪمانڊر هو. ذريعن مطابق مارجي ويل ويڙهاڪ وٽان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.

ذريعا