ڀارتي ڪوسٽ گارڊز هٿان سنڌ جا 21 ماهيگير گرفتار، جهليل ماهيگيرن جو تعداد 113 ٿي ويو

وڪي اخبار کان

27 نومبر 2006

ڀارتي ڪوسٽ گارڊز هٿان سنڌ جا 21 مهاڻا گرفتار ٿي ويا آهن انهن گرفتارين سميت ڀارت ۾ جهليل ماهيگيرن جو تعداد 113 ٿي ويو آهي.

ذريعن مطابق مهاڻن جي گرفتاري وقت سندن ٽن ٻيڙين کي پڻ قبضي ۾ ڪيو ويو آهي. چيو ويو آهي ته کين ڄام نگر ضلعي جي اوکا پورٽ تي رکيو ويو آهي. انهن گرفتارين سميت ڀارت ۾ جهليل ڪل مهاڻن جو تعداد 113 ٿي ويو آهي جڏهن ته قبضي ۾ ڪيل ٻيڙين جو تعداد 35 ٻڌايو ويو آهي.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت هڪ طرف پاڻ ۾ امن ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف ٻئي ملڪ سامونڊي سرحدن جي ڀڃڪڙي جي الزام تحت غريب ماهيگيرن کي لاڳيتو گرفتار پڻ ڪري رهيا آهن.

ذريعا