ڀارت جو مشهور سنڌي فلمساز اين اين سپي 75 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

وڪي اخبار کان

7 نومبر 2006

ڀارت جو مشهور سنڌي فلم پروڊيوسر اين اين سپي 75 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو آهي. سندس خاندان مطابق اين اين سپي کي گذريل هفتي اسپتال داخل ڪرايو ويو هو. هو دل جي عارِضي ۾ مبتلا هو.

اين اين سپي فلم پروڊيوسر ٿيڻ کان اڳ 10 سالن تائين فلم جي مختلف شعبن جهڙوڪر فلم فنانس ۽ ڊسٽريبيوشن ۾ ڪم ڪندو رهيو هو. هن جو پيءَ ورهاڱي کان اڳ سنڌ جو مشهور ڊسٽريبيوٽر هو، اين اين سپي پنهنجي خانداني بزنس ۾ به ڪجهه وقت لاءِ ڪم ڪيو.

اين اين سپي جي فلمي ڪيرئر ۾ مشهور فلمون ڪالي چرن، سرگم، فقيرا، چور مچائي شور وغيره شامل آهن. مرحوم پنهنجي موت پڄاڻان هڪ پٽ ۽ ٽن ڌيئرن کي سوڳوار ڇڏيو آهي.

ذريعا