ڀارت جي رياست مڌيه پرديش ۾ فيملي پلاننگ لاءِ قرآن مان مدد وٺڻ جو فيصلو

وڪي اخبار کان

23 ڊسمبر 2006

ڀارت جي رياست مڌيه پرديش طرفان مسلمانن جي وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي قرآن مان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن مطابق هڪ اهڙي ڪتاب جي ورهاست جي منصوبه بندي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ قرآن مان آيتون ڏئي آبادي تي قابو پائڻ بابت چيو ويو ويندو.

ذريعن مطابق ”آبادي، اسلام ۽ خانداني منصوبه بندي“ نالي ڪتاب ۾ قرآن جي ڪجهه آيتن کي ڏئي انهن جو مفهوم عالمن جي ذريعي واضع ڪري فيملي پلاننگ جي باري ۾ دليل جوڙيا ويا آهن.

ياد رهي ته ڀارتيه جنتا پارٽي ۽ ٻيون جماعتون چونديون رهيون آهن ته مسلمان ڄاڻي واڻي پنهنجي آبادي وڌائي رهيا آهن ته جيئن هندو پنهنجي ئي ملڪ ۾ اقليت ۾ تبديل ٿي وڃن.

ذريعا