ڀارت جي مُک شهرن تي القائده وٽان حملا ٿي سگهن ٿا، آمريڪي ايمبيسي

وڪي اخبار کان

8 نومبر 2006

آمريڪي ايمبيسي ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ته ڀارت جي مُک شهرن تي ٻاهرين دهشتگردن جا حملا ٿي سگهن ٿا. حملن جي رٿا جو شڪ القائده تي ظاهر ڪيو ويو آهي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهي حملا ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ٿي سگهن ٿا.

آمريڪي ايمبيسي جي ترجمان ڊيوڊ ڪينڊي چيو آهي ته سندن انٽيليجينس رپورٽن موجب بمبئي ۽ نيو دهلي دهشتگردن جا خاص ٽارگيٽ ٿي سگهن ٿا. ذريعن موجب ڀارت جي آمريڪي شهرين کي ٻڌايو ويو آهي ته هوٽلن، ايئرپورٽن، گورنمينٽ آفيسن ۽ مارڪيٽن تي حملن جو امڪان آهي.

دهلي پوليس جي ذريعن مطابق دهلي مان ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو جنهن مان هڪ پاڪستاني آهي. خبرن مطابق سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

ذريعا