ڀارت سان امن ڳالهين جي ٻئي ڏينهن پاڪستان ميزائل جو نئون تجربو ڪري ورتو، ميزائل وار هيڊ کڻڻ جي قابل

وڪي اخبار کان

16 نومبر 2006

ڀارت سان امن ڳالهين جي ٻئي ڏينهن پاڪستان هڪ نئون حتف 5 جو ڪامياب ميزائل تجربو ڪري ورتو آهي. ميزائل وار هيڊ کڻڻ جي قابل آهي ۽ ان جي مار 1300 ڪلوميٽر ٻڌائي وئي آهي.

پاڪستاني فوجي ذريعن مطابق وچٿري مار وارو اهو ميزائل تجربو ڪامياب ٿيو آهي. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ ڀارت سان امن ڳالهين جو دورو ڪري پاڪستاني وفد واپس پهتو آهي جنهن ۾ گڏيل طور نيوڪليئر جنگ ٽارڻ لاءِ معاهدو پڻ ڪيو ويو.

ذريعا