ڀارت ميسور ۾ ٻه پاڪستاني دهشتگردي جي شڪ ۾ گرفتار

وڪي اخبار کان

27 آڪٽوبر 2006

ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي شهر ميسور ۾ ٻن ماڻهن کي دهشتگرد هجڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. جن جا نالا فهد ۽ علي حسين ٻڌايا ويا آهن.

پوليس جي ذريعن مطابق کين ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن انهن موٽر سائيڪل تي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوليس تي فائرنگ پڻ ڪئي.

ذريعن مطابق انهن مان فهد نالي همراه ڪراچيءَ جو انجنيئر آهي جڏهن ته علي جو تعلق مانسهرا سان آهي. وٽائن اي ڪي 47 رائفل، ٻه پسٽل، ٻه سيل فون، هڪ سيٽلائٽ فون، هڪ ڪمپيوٽر، سي ڊيز وغيره هٿ آيا آهن.

ذريعا