ڀارت هوا ۾ ٻن ميزائلن جي ٽڪراءُ جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو، تجربو اڙيسا ۾ ڪيو ويو
ڏيک
27 نومبر 2006
ڀارت هوا ۾ ٻن ميزائلن جي ٽڪراءُ جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي، پرٿوي ٽو جي ٻن ميزائلن کي الڳ الڳ هنڌن تان ڇڏيو ويو هو.
ذريعن مطابق تجربو ڪامياب ثابت ٿيو آهي، هڪ پرٿوي ميزائل ڇڏڻ کان پوءِ ٻيو هڪ منٽ بعد ٻيو ان کي تباه ڪرڻ لاءِ ڇڏيو ويو.
پروگرام مطابق اهي ٻئي ميزائل سمنڊ ۾ ڪرڻا هئا تڏهن به احتياط طور علائقي مان ڳوٺن کي خالي ڪرايو ويو هو.