ڀارت پاران ڪشمير ۾ ٻه پاڪستاني دهشتگرد مارڻ جي دعوا، ٻئي طرف ٽي ٻيا ويڙهاڪ پڻ مارجي ويا

وڪي اخبار کان

9 ڊسمبر 2006

ڀارتي پوليس دعوا ڪئي آهي ته انهن ٻه پاڪستاني دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي جن جو تعلق لشڪر طيبه سان هو.

ذريعن مطابق اهو واقعو ڪشمير جي ڊوڊا ضلعي ۾ ٿيو جتي تلاشي دوران انهن دهشتگردن جو پتو پيو.

ٻئي طرف اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته الڳ الڳ واقعن ۾ ٽي ٻيا ويڙهاڪ پڻ مارجي ويا آهن.

ذريعن مطابق دهشتگردن وٽان هڪ اي ڪي رائيفل، هڪ پسٽل، ٻه گرنيڊ ۽ هڪ وائرليس سيٽ پڻ برآمد ڪيا ويا آهن.

ذريعا