ڀارت پاڪستان کي دهشتگردي ۾ آءِ ايس آءِ جي ملوث هجڻ جا ثبوت ڏيندو، ڀارتي ذريعا

وڪي اخبار کان

12 نومبر 2006

ڀارت دهشتگردي ۾ آءِ ايس آءِ جي ملوث هجڻ جا ثبوت فراهم ڪندو. اهي ثبوت نه صرف بمبئي ريل ڌماڪن بابت هوندا پر اهي سمورن دهشتگردي وارن واقعن بابت هوندا جنهن ۾ دهلي جي مصروف مارڪيٽ ۾ ٿيل ڌماڪن بابت پڻ ثبوت شامل هوندا.

ڀارتي ذريعن مطابق 14 ۽ 15 نومبر تي ٿيندڙ پرڏيهي سيڪريٽري ليول ڳالهين ۾ اهي ثبوت فراهم ڪيا ويندا ۽ جاچ لاءِ زور ڀريو ويندو.

ذريعا