ڀارت کان آيل سنڌي شاعر ۽ ٻين کي لاڙڪاڻي ۾ آجياڻو ڏنو ويو، سنڌ مان لڏي وڏي غلطي ڪئي، موتي رام

وڪي اخبار کان

19 نومبر 2006

ڀارت کان آيل سنڌي شاعر موتي رام هيراننداڻي چيو آهي ته سنڌ مان لڏي وڏي غلطي ڪئي وئي هئي. هن اها ڳالهه لاڙڪاڻي ۾ ڀارت کان آيل وفد کي ڏنل آجياڻي ۾ خطاب ڪندي ڪئي.

ڀارت الهاس نگر کان آيل وفد جي مان ۾ اهو آجياڻو سنڌي ادبي سنگت ڏنو. تقريب کي مختيار سمون، عنايت ميمڻ، ڪريم بلوچ، منظور ڪوهيار، ذوالفقار سيال ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

موتي رام وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ سنڌي ادب ۽ ٻولي کان سواءِ کوکلا ٿي ويا آهيون اُتي رڳو پيٽ ئي پاليندا رهيا آهيون. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌي ماڻهن کي جس آهي جيڪي پنهنجي ٻولي ۽ ڌرتي کي بچايو ويٺا آهن.

ذريعا

روزانه هلچل حيدرآباد