ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿر ايڪسپريس 23 ڊسمبر کان ٻيهر هلائڻ جو امڪان

وڪي اخبار کان

3 نومبر 2006

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هلندڙ کوکرو پار ۽ مونا ٻائو ريل جنهن کي ٿر ايڪسپريس جو نالو ڏنو ويو هو ان کي 23 ڊسمبر تي ٻيهر هلائڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون آهن.

بي بي سي موجب پاڪستان ۽ ڀارت جي ريل محڪمي وچ ۾ ٿيل ڳالهين مان اهڙو اشارو مليو آهي. ياد رهي ته ٿر ايڪسپريس کي هن سال 17 فيبروري کان هلايو ويو هو جنهن کي بعد ۾ آگسٽ جي مهيني ۾ ڀارت اهو چئي بند ڪيو هو ته جوڌپور ويجهو ريل جي پٽڙي پاڻي هيٺ اچي وئي آهي. ريل هلائڻ جي تاريخ جو حتمي اعلان نه ڪيو ويو آهي.

ذريعا