ڀارت ۾ ٿيندڙ دهشتگرد سرگرمين جا پيرا پاڪستان ڏانهن وڃن ٿا، آمريڪا

وڪي اخبار کان

11 نومبر 2006

آمريڪا جي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ رچرڊ بائوچر چيو آهي ته ڀارت ۾ ٿيندڙ دهشتگرد سرگرمين جا پيرا پاڪستان ڏانهن وڃن ٿا. هن اها ڳالهه اخبار وارن سان ڳالهائيندي ڪئي.

رچرڊ بائوچر وڌيڪ چيو ته جيڪي دهشتگرد ڌريون ڀارت ۾ سرگرم آهن پاڪستان اڳ ئي انهن تي پابندي لاڳو ڪئي آهي. هن چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل جاکوڙ جي سخت ضرورت آهي.

ذريعا