ڀارت ۾ گهريلو تشدد جي حوالي سان سخت قانون لاڳو

وڪي اخبار کان

26 آڪٽوبر 2006

ڀارت ۾ گهريلو تشدد جي روڪ لاءِ نئون قانون لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ڪابه عورت پنهنجي مرد خلاف هاڻ عدالت ۾ دانهي سگهي ٿي.

انهي تشدد جا قسم پڻ واضع ڪيا ويا آهن جنهن ۾ پٽ نه ڄمڻ تي مهڻا، جهيز نه آڻڻ تي ظلم، عورت جي راضپي کان سواءِ جنسي عمل ڪرڻ، ڇوڪري جي مرضي کان سواءِ شادي يا روايتي تشدد وغيره شامل آهن.

ان قانون تحت ملزم لاءِ هڪ سال قيد جي سزا يا 20 هزار حرجاڻو آهي. چيو ويو آهي ته ان قانون جي ذريعي عورتن تي ٿيندڙ تشدد ۾ نمايان گهٽتائي ايندي.

ذريعا