ڀاڄوڪڙ طالبان اڳواڻ مُلا عمر پاران ڪارزئي حڪومت سان امن ڳالهيون رد

وڪي اخبار کان

28 آڪٽوبر 2006

ڀاڄوڪڙ طالبان اڳواڻ مُلا عمر ڪارزئي حڪومت وٽان امن ڳالهين جي صلاح کي ٿڏي ڇڏيو آهي، هن ٻيهر ورجايو ته ڪارزئي واجب القتل آهي ان کي سزا ڏني ويندي.

موجوده افغان حڪومت کي گُڏا حڪومت قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته انهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿينديون جن جون واڳون ٻين جي هٿ ۾ هجن. طالبان پنهنجون ڪاروائيون جاري رکندا.

ذريعا