چئن ڏينهن دوران 46 فلسطيني مارجي چڪا، غزا جون حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون

وڪي اخبار کان

6 نومبر 2006

ذريعن مطابق فلسطين ۾ چئن ڏينهن دوران مارجي ويل ماڻهن جو تعداد 46 ٿي ويو آهي. چيو ويو آهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان اهڙو ڪوبه ڏينهن نه گذريو آهي جڏهن غزه ۾ قتل نه ٿيا هجن.

ذريعن دعوا ڪئي آهي ته حملن ۾ دهشتگردن کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، پر اهو ڪير به نٿو چئي سگهي ته انهن مان ڪيترا اصل ۾ دهشتگرد هئا. چيو ويو آهي ته انهن کي انسانيت بابت ڳالهائڻ جو ڪوبه حق ناهي جن 1000 کان مٿي لبنانين ۽ 300 کان مٿي فلسطين جو تازو خون وهايو آهي.

ذريعا