ڇا پ پ حڪومت خلاف اثرائتي تحريڪ کان نٽائي پئي؟

وڪي اخبار کان

اوهان جي خيال ۾ مٿين ڳالهه صحيح آهي يا غلط، جيڪا به اوهان جي راءِ آهي هتي لکڻ لاءِ مٿي موجود ”ايڊٽ“ جي لنڪ تي ڪلڪ ڪري ايڊٽ صفحي جي بلڪل هيٺان پنهنجي راءِ لکو، اوهان پنهنجي راءِ سنڌي توڙي انگريزي ۾ لکي سگهو ٿا. اوهان جي راءِ بروقت شايع ٿي ويندي.


  • جيڪڏهن اوهان هن سائٽ جا ميمبر آهيو ته:

آخر ۾ چار ”ٽائيڊس“ (~~~~) جا نشان ضرور لڳايو.

  • جيڪڏهن اوهان هن سائٽ جا ميمبر نه آهيو ته:

آخر ۾ پنهنجو نالو، شهر ۽ اي ميل لکي ڇڏيو.


It is very worng

It is very worng and this site has been development in connection with anti PPP propaganda under enhancement of the Military Government and looters of Pakistan

  • Mir M. Panhwar

ادا پنهور صاحب! اوهان جي راءِ اکين تي، ڇو ته جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته هي سائٽ ملٽري يا فوج طرفان جوڙائي وئي آهي يا هن سائٽ جو انهن سان ڳانڍاپو آهي اوهان جي اهڙي راءِ اسان هميشه لاءِ هتي محفوظ ڪري ڇڏي آهي. اهڙي راءِ رکڻ جو اوهان کي حق حاصل آهي بلڪه ڪهڙي به راءِ رکڻ اوهان جو بنيادي انساني حق آهي. ها اها الڳ ڳالهه آهي ته اُها راءِ صحيح آهي يا غلط. اهو فيصلو اسان نٿا ڪريون اوهان تي ۽ انهن دوستن تي ڇڏيل آهي جيڪي هن سائٽ تي ڪم ڪن ٿا يا روزانه هن سائٽ کي خبرن لاءِ پڙهن ٿا.

منهنجا ڀاءَ اوهان اٿاريل سوال تي راءِ ڏيڻ شايد وساري ويٺا آهيو، اميد ته هن سائٽ کي روز وزٽ ڪندا رهندا. اوهان جا شڪ ۽ انومان به اسان کي پيارا آهن.

Zafar 19:06, 12 نومبر 2006 (UTC)

پ پ پ وارا چريا آھن

جو بنگلا... ڪارون. ڇڏي ڪري عوام سان گڏ بيھندا... اھو دور ٻيو ھيو جو... ايڏيون وڏيون تحريڪون ھليون... ھاڻي ته ٻين ڏي ٿا نھارين ته، ڪڏھن ٿا اسان کي وارو ڏين... باقي الله الله خير صلا... باقي پ پ پ ڪڏھن به اثرائتي تحريڪ ڪونه ھلائيندي...

  • السنڌي مڪا شريف سعودي عرب

پ پ تحريڪ ضرور هلائيندي پر جڏهن کين سگهارين طاقتن جو اشارو ملندو. ٻي صورت ۾ جيئن سالن جا سال گذري ويا آهن تيئن ٻيا به ڪيترائي سال گذري ويندا پر پ پ ڪابه تحريڪ نه هلائيندي.

Suhbat 12:19, 22 آڪٽوبر 2006 (UTC)


بلڪل نه هلائيندي!

پ پ ڪڏهن به حڪومت خلاف اثرائتي تحريڪ نه هلائيندي، ان جو سبب اهو آهي ته پ پ کي ڪڏهن به عوامي طاقت تي ڀروسو نه رهيو آهي اهي سدائين حاوي طاقتن جي اشارن جو انتظار ڪندا رهيا آهن. جيڪڏهن بينظير ڀٽو کي عوامي طاقت تي ٿورو به اعتماد هجي ها ته ڇا هو پرڏيهه وڃي ويهي رهي ها؟

  • Zafar 21:17, 5 آڪٽوبر 2006 (UTC)

ڇا ٿو چئي سگهجي

ڇا ٿو چئي سگهجي، 1983ع ۽ 1986ع ۾ هلايل ايم آر ڊي تحريڪ به پ پ هلائي هئي، پر گذريل ڪجهه سالن کان پ پ جي گوٿناٿ ڏسي لڳي ٿو ته هو هاڻ ڀاڙيا ٿي پيا آهن يا انهن جو هاڻ عوامي طاقت تان ويساهه ئي کڄي ويو آهي.

  • سليم سومرو، مورو

مخدوم امين فهيم کي رڳو بڇڙو ٿيڻ لاءِ عهدو ڏنو ويو آهي، هن کي چيو ويندو آهي ته ميڊيا کي ٻڌاءَ ته پ پ ڪابه ڊيل حڪومت سان نه پئي ڪري ۽ تازو بينظير وري چيو آهي ته حڪومت سان خفيه ڳالهيون هلن پيون پر اڃا ڪجهه ڳالهين تي اختلاف برقرار آهن، افسوس ويچارو امين فهيم اڻ ڄاڻ رهجي ويو!! ان مان ظاهر ٿيو ته پ پ تحريڪ بجاءِ ڳالهيون ڪندي اقتدار هٿ ڪندي هونءَ به امين فهيم چئي چڪو آهي ته گرينڊ الائنس جي ڪابه ضرورت ڪانهي.

  • واجد علي لغاري، مٽياري

اوهان کي ائين نه چوڻ گهرجي، مخدوم عزت وارو ماڻهو آهي. پ پ تحريڪ هلائي يا نه هلائي پر مخدومن هميشه پنهنجي حيثيت کي برقرار رکيو آهي.

  • علي حيدر، مورو

وقت اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي

ان ڳالهه تي بحث ئي اجايو آهي ته پ پ ڪا تحريڪ هلائيندي، ڇو ته انهن وٽ هاڻ اها طاقت ئي نه رهي آهي جهڙي ايم آر ڊي واري دور ۾ هئي. هاڻ ته صرف چند مفادپرستن جو ٽولو وڃي رهيو آهي جيڪو ڪنهن سٺي ايندڙ وقت جي انتظار ۾ آهي. فاروق 01:46, 9 آڪٽوبر 2006 (UTC)

پ پ پ مان تحريڪ جي اميد نه رکو

منهنجي خيال ۾ پ پ پ مان تحريڪ جي اميد رکڻ ئي اجائي آهي، جنهن دوست اهو لکيو آهي ته پ پ پ ايم آر ڊي جي تحريڪ هلائي هئي اهي ڀليل آهن. اها تحريڪ صرف پ پ پ نه پر عوامي تحريڪ ۽ ٻين ڪيترن ئي جماعتن جي طاقت تي هلي هئي. هونءَ به دوستن کي ياد رکڻ گهرجي ته ايم آر ڊي واري تحريڪ 83ع ۾ هلي هئي. توهان کي ياد هوندو ته ڀٽي کي ڦاسي 79ع ۾ آئي هئي ان وقت به پ پ پ ڪابه سگهاري جدوجهد نه هلائي سگهي هئي. اهي هميشه عوامي تحريڪن کان نٽائيندا رهيا آهن. هن وقت به ڪنهن اشاري جي انتظار ۾ آهن. آمريڪا جي اليڪشن شايد پ پ پ لاءِ ڪنهن حد تائين رستو صاف ڪري ڇڏيو آهي. مان دعوا سان چوان ٿو ته پ پ پ طرفان سگهاري تحريڪ جا امڪان هاڻي زيرو ٿي ويا آهن.

وقت هي ڳالهيون سچيون ثابت ڪندو. جيئي لطيف. جيئي لطيف جي ٻولي.

Asif 22:37, 10 نومبر 2006 (UTC)

ڪهڙو فرق پوندو؟

جي پ پ ملڪ گير تحريڪ هلائي ته اسان سنڌين کي ڇا ورندو، اوهان ماڻهو اڃا پ پ ۾ اميد رکيو ويٺا آهيو، انهن جي حڪومت ۾ سنڌين سان سدائين ويساهه گهاتيون ڪيون ويون آهن. سنڌين لاءِ پ پ جي حڪومت هڪ ”لالي پاپ“ آهي جيڪو مناسب وقت تي استعمال ڪيو ويندو.

آڪاش 23:01, 12 آڪٽوبر 2006 (UTC)


ڇو پيا وقت ضايع ڪريو ان بحث تي اوهان کي ٻيو ڪو ڪم ڪار نه آهي ڇا؟

Hyder 00:08, 14 آڪٽوبر 2006 (UTC)


پيارا دوست حيدر! اهو بحث اجايو نه آهي، پ پ جي گذريل ڪيترن سالن جي ڪارڪردگي سنڌ جي حوالي سان ڪمپرومائز واري رهي آهي، اسان سنڌين لاءِ ڪوبه حڪمران هجي فرق نه آهي ۽ اهو ئي پ پ جي حوالي سان سڀ کان وڏو سچ آهي. ڳالهه جو مطلب ٿيو ته پ پ جيڪڏهن اقتدار ۾ اچي به وئي ته ڇا ڪندي. اهو ئي نه جيڪو اڳ ۾ ڪيو ويو. يعني ڪالاباغ ڊيم لاءِ رقم رکي وئي يا 1991ع واري پاڻي ٺاهه کي رد ڪري 1994ع ۾ ٻيو معاهدو ڪري سمنڊ ڏانهن ويندڙ پاڻي کي ضايع ٿيڻ قرار ڏنو ويو. بحث ٿيندا ته پارٽين جو اصل ڪردار وائکو ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

آفاق حيدر 22:05, 21 آڪٽوبر 2006 (UTC)

PPP can not do any thing

PPP can not do any thing, except waiting for soft handover of government to them , except waiting for divine curse of pakistan establishment and Pakistan army towards them, and Mohtrama is only appears when Sindhis are expressing their extreme reaction to federation and they gather at one ground , and then Mohtrama and other such elements strating songs of democracy in Pakistan, so that they can able to freeze movements rised for the rights of Sindhi nations

  • Fayaz Khaskheli , Nawabshah Sindh

(9 آڪٽوبر 2006)