ڊائرن براٽ پاڪستاني ڪشمير مان دهشتگردي جي سکيا ورتي، پراسيڪيوٽر لاسن

وڪي اخبار کان

7 نومبر 2006

ڊائرن براٽ کي يورپ ۽ آمريڪا ۾ دهشتگردي جي مختلف واقعن جي رٿابندي ڪرڻ تي 40 سالن جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

ذريعن مطابق برطانيه جي عدالت ۾ ڊائرن براٽ جي شنوائي دوران پراسيڪيوٽر پنهنجي حجت ۾ چيو ته ڊائرن براٽ پاڪستاني ڪشمير مان چار مهينن لاءِ دهشتگردي جي سکيا ورتي.

سومر ڏينهن ڊائرن براٽ کي انتهائي سخت سيڪيورٽي انتظامن بعد عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. هن تي نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج، آءِ ايم ايف هيڊ ڪوارٽر واشنگٽن ۽ لنڊن ۾ بم ڌماڪن جي رٿابندي ڪرڻ جو الزام آهي.

چيو ويو آهي ته ڊائرن براٽ 6 سالن تائين رٿابندي ڪئي. عدالت کي هڪ وڊيو ڏيکاري وئي جنهن مطابق مارچ 2001 ۾ برائٽ نيويارڪ ۾ موجود هو.

ذريعا