ڊيرا غازي خان ۾ بم ڌماڪو، ٻه مارجي ويا ويهه زخمي

وڪي اخبار کان

ڊيرا غازي خان جي مال پڙي ۾ هڪ بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ هڪ نوجوان ۽ هڪ ستر سالا شخص مارجي ويا گهٽ ۾ ويهه ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.

چيو پيو وڃي ته اهو ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن مال پڙي ۾ خريد و فروخت جاري هئي ۽ ماڻهن جي تمام گهڻي رش هئي. شروعاتي تفتيش مطابق بم هڪ سائيڪل ۾ ٻڌل هو ۽ ان جو وزن تقريبن اڍائي ڪلو هو.

ياد رهي ته ڊيرا غازي خان بلوچستان جي علائقي ڪوهلو ڀرسان آهي. جتي نواب اڪبر بگٽي جي فوجي آپريشن ۾ مارجي وڃڻ کان پوءَ سخت ڪشيدگي واري صورتحال آهي.

رپورٽن مطابق ڪجهه زخمين جي حالت خطري هيٺ آهي، جنهن ڪري وڌيڪ جاني نقصان جو انديشو ظاهر ڪيو ويو آهي.

ذريعا