ڊينئل پرل تي ٺهندڙ فلم کي پاڪستان ۾ شوٽنگ جي اجازت ملڻ جو امڪان ظاهر

وڪي اخبار کان

پاڪستان، ڊينئل پرل تي ٺهندڙ فلم جي شوٽنگ ملڪ ۾ ٿيڻ لاءِ آمادگيءَ جو امڪان ڏيکاريو آهي. ان فلم کي پاڪستان ۾ شوٽنگ ڪرڻ کان روڪيو پئي ويو.

هوم سيڪريٽري سنڌ جو چوڻ هو ته شوٽنگ تي آيل يونٽ اڳ ۾ ڪابه اجازت نه ورتي هئي جنهنڪري کين شوٽنگ کان روڪيو ويو هو.

فلم ۾ هيروئن جو ڪردار هالي ووڊ جي مشهور اداڪاره انجلينا جولي ڪري رهي آهي. فلم جي ڪهاڻي هڪ اهڙي عورت تي مشتمل آهي جنهن جو مڙس گم ٿي وڃي ٿو، فلم جي ڊائريڪشن مائڪل ونٽر باٽم ڏيئي رهيو آهي.

ذريعا