ڊينگو وائرس جا نوان مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل، انگ 2074 ٿي ويو

وڪي اخبار کان

30 آڪٽوبر 2006

ڊينگو وائرس جي ڦهلجندڙ وبا سموري ملڪ ۾ وڌي رهي آهي گذريل چويهه ڪلاڪن دوران 216 ماڻهن کي ڊينگو وائرس جي شڪ ۾ ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ڊينگو متاثرين جو انگ وڌي 2074 ٿي ويو آهي.

نوان مريض اسلام آباد، ڪراچي، پشاور ۽ ٻين علائقن ۾ ظاهر ٿيا آهن. اطلاعن مطابق هڪ ماڻهو پڻ فوت ٿي ويو آهي.

ذريعا