ڊينگو وائرس جي مريضن ۾ واڌارو، 28 نوان مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل

وڪي اخبار کان

ٻه نوان مريض ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪيا ويا آهن، وائرس جي اثر ۾ آيل مريضن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي. چيو ويو آهي ته جون کان وٺي هن وقت تائين 890 ماڻهو ڊينگو وائرس مان متاثر ٿيا آهن.

ڊينگو وائرس جي مريضن ۾ مسلسل واڌارو ٿي رهيو آهي، سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن مان پڻ ماڻهن جي متاثر ٿيڻ جا اطلاع آهن.

چيو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 28 نوان مريض ڪراچيءَ جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيا ويا آهن جن کي ڊينگو وائرس جو متاثر ڄاڻايو ويو آهي، جنھن کان پوءِ اهو تعداد وڌي 165 ٿي ويو آهي.

ڊاڪٽرن ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ڊينگو وائرس بابت هڪ سجاڳي مهم جي سخت ضرورت آهي ته اهو ڪيئن ڦهلجي ٿو ۽ ان جون علامتون ڪهڙيون آهن.

ذريعا