ڊينگو وائرس فيور جي مريضن جو تعداد ٽي هزار کان مٿي ٿي ويو

وڪي اخبار کان

6 نومبر 2006

سموري ملڪ ۾ ڊينگو وائرس متاثر مريضن جو تعداد ٽي هزار کان مٿي چڙهي ويو آهي. خبرن مطابق ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ٿيل نون مريضن بعد اهو تعداد 3230 ٿي ويو آهي.

چيو ويو آهي ته انهن مان 1113 مريضن کي ڊينگو وائرس پازيٽو قرار ڏنو ويو آهي. اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ مريضن جو تعداد 175 ٻڌايو ويو آهي.

ذريعا