ڊينگو وائرس متاثرين جو تعداد 1772 ٿي ويو

وڪي اخبار کان

28 آڪٽوبر 2006

ملڪ ۾ ڊينگو وائرس متاثرين جو تعداد وڌي 1772 ٿي ويو آهي. گذريل چويهه ڪلاڪن دوران 19 نوان مريض ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ٿيا آهن.

ڪراچي مان وڏي پيماني تي عيد جي ڪري ماڻهن جي پنهنجن شهرن ڏانهن موٽ سڄي ملڪ ۾ وائرس جي ڦهلاءَ کي هٿي ڏني آهي. هاڻ ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن مان مسلسل ڊينگو وائرس متاثرين جي انگ ۾ واڌ جا اطلاع ملي رهيا آهن.

ذريعا