ڌماڪيدار مواد رکندي انٽيليجينس بيورو جو ملازم گرفتار ٿيو آهي، اڪرم دراني

وڪي اخبار کان

5 ڊسمبر 2006

صوبي سرحد جي وڏي وزير چيو آهي ته ڌماڪيدار مواد رکندي گرفتار ٿيل همراه انٽيليجينس بيورو جو ملازم آهي. جنهن کي بعد ۾ ڳجهي ايجنسي جي هڪ عملدار مذڪور ڇڏائي ورتو.

پشاور ۾ سرحد جي وڏي وزير جي سيڪريٽريٽ ٻاهران حفاظتي عملي هڪ جوابدار کي سوگهو ڪيو جنهن وٽ هڪ خطرناڪ بم موجود هو.

وڏي وزير چيو ته ان همراه کي پوليس جي حوالي ڪيو ويو ته کيس ڇڏايو ويو آهي.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته ان حالت ٿيڻ کان پوءِ پوليس آءِ بي جي آفيس تي ڇاپو هنيو جتي جوائنٽ ڊائريڪٽر ۽ اهلڪار ٻئي ڄڻا غائب هئا ۽ ڌماڪيدار مواد پڻ پاڻ سان گڏ کڻي ويا.

ذريعا