ڏهن سالن جي ٻارڙي ڊينگو وائرس سبب ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ فوت

وڪي اخبار کان

2 نومبر 2006

ڏهن سالن جي هڪ ٻارڙي ڊينگو وائرس سبب ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ فوت ٿي وئي آهي. چيو ويو آهي ته گذريل چويهه ڪلاڪن دوران شهر جي مختلف اسپتالن ۾ 190 نوان مريض ڊينگو وائرس جي شڪ ۾ داخل ڪيا ويا آهن. ڊينگو وائرس متاثر فوتين جو تعداد 31 ٿي ويو آهي.

خبرن مطابق سڄي ملڪ ۾ اربع تائين داخل ٿيل مريضن جو ڪل تعداد 2350 هو.

ذريعا