ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي:ڊي جي رينجرز سنڌ

وڪي اخبار کان

رپورٽ: زبير زرار منگي..

ڊي جي رينجرز ميجر جنرل لياقت علي دعويٰ ڪئي آهي ته هاءِ ويز تي رينجرز جي مقرريءَ بعد ڏوهي ڪاررواين تي ضابطو ٿي ويو آهي. رينجرز هيڊ ڪوارٽر سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊي جي رينجرز چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻو زون جي هاءِ ويز تي رينجرز جي مقرريءَ بعد امن قائم ٿي چڪو آهي. ڊي جي رينجرز ٻڌايو ته حڪومت پاران زرعي ڀاڻ ۽ ڪڻڪ جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ هدايتون ڏنيون ويون آهن.

ڊي جي رينجرز سنڌ-بلوچستان سرحد تي امن امان واري صورتحال بابت ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان جي صورتحال بهتر ٿيندي پئي وڃي ۽ سرحدي علائقن ۾ ڏوهن تي ضابطو اچي چڪو آهي.