ڏکڻ افغانستان ۾ قنڌار ڀرسان هڪ نيٽو فوجي مارجي ويو، ٻه ڄڻا زخمي

وڪي اخبار کان

7 نومبر 2006

ڏکڻ افغانستان ۾ ٿيل هڪ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ نيٽو فوجي مارجي ويو آهي جڏهن ته ٻه نيٽو فوجي زخمي ٿي پيا.

ذريعن مطابق اهو واقعو قنڌار کان 35 ڪلوميٽر اولهه طرف ٿيو، زخمين کي اسپتال پهچايو ويو آهي. مارجي ويل ۽ زخمي ٿيل فوجين بابت اها ڄاڻ نه ملي سگهي آهي ته انهن جو تعلق ڪهڙي ملڪ سان آهي.

ذريعا