ڏکڻ سنڌ ۾ ”اڏامندڙ لومڙين“ پاران مبينه طور فصلن جو نقصان

وڪي اخبار کان

ڏکڻ سنڌ ۾ گذريل ڪافي ڏينهن کان سنڌين لاءِ اڻ ڏٺي مخلوق ڪاهي آئي آهي جنهن کي هو ”اڏامندڙ لومڙي“ جو نالو ڏين ٿا. انهن ماڻهن جي چوڻ مطابق اها مخلوق انب جي فصل کي ڪاپاري نقصان پهچائي رهي آهي.

ميڊيا تي ان جا فوٽا پڻ جاري ڪيا ويا آهن ۽ سنڌي ٽي وي چينلن پڻ ان مخلوق جي ريڪارڊن ڪئي آهي، اها مخلوق چمڙي نما آهي ان جا پَر چار فٽ ڊگها چيا وڃن ٿا.

ٻئي طرف وائلڊ لائف وارن چيو آهي ته جيتوڻيڪ اها مخلوق گوشت خور آهي پر انسانن لاءِ سڌيءَ طرح نقصان ڪار نه آهي ۽ ٻيو اهو ته ان مخلوق مان انبن جي فصل کي ڪوبه نقصان نه ٿيندو. وڌيڪ چيو ويو آهي ته اها اُٽلندو انهن جيتن ۽ جانورن کي کائيندڙ مخلوق آهي جيڪي انبن جي فصل کي نقصان ڏين ٿا. هنن جو چوڻ هو ته اها مخلوق سنڌ ۾ مهمان آهي ۽ ڪچهه ڏينهن اندر هلي ويندي.

ذريعا

  • روزاني ڪاوش حيدرآباد
  • سنڌ ٽي وي (سنڌي چينل)