ڏکڻ ڪوريا جو بين ڪي مون گڏيل قومن جو نئون سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو

وڪي اخبار کان

ڏکڻ ڪوريا جو بين ڪي مون گڏيل قومن جو ايندڙ سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو آهي. هن جي چونڊ راءِ شماري ذريعي ٿي گذري جنهن ۾ کيس 192 ملڪن جي نمائندن متفقه طور چونڊي ورتو.

بين ڪي مون 31 ڊسمبر 2006ع تي ڪوفي عنان جي رٽائرمينٽ کان پوءِ عهدو سنڀاليندو ۽ پوءِ هو ايندڙ پنجن سالن تائين انهيءَ عهدي تي برقرار رهندو.

بين ڪي مون چونڊجڻ کان پوءِ چيو آهي ته هن جي ترجيحات ۾ انساني حقن جو تحفظ، دهشتگردي خلاف جدوجهد، ايڊز ۽ ماحولياتي آلودگي شامل آهن.

ياد رهي ته بين ڪي مون ڏکڻ ڪوريا جو وزير خارجه آهي.

ذريعا