ڪابل ۾ خودڪش بم حملي ۾ 12 ماڻهو مارجي ويا ڪيترائي زخمي

وڪي اخبار کان

افغانستان جي گادي واري هنڌ صبح ڌاري هڪ خودڪش بم حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻارنهن ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿي پيا. بم ڌماڪو وزارت داخله جي آفيس ٻاهران ٿيو.

اکين ڏٺن شاهدن مطابق حمله آور سيڪيورٽي گارڊز جي چيلينج ڪرڻ تي بم کي هلائي ڇڏيو. صحت واري وزارت مطابق لڳ ڀڳ 46 ماڻهو ان ڌماڪي ۾زخمي ٿيا آهن.

چيو پيو وڃي ته ڌماڪي جي اڪثر متاثرين جو تعلق وزارت داخله سان آهي، ڌماڪي سان آسپاس جي ڪيترين ئي عمارتن کي پڻ نقصان پهتو آهي.

ذريعا