ڪارڪن احتجاج ختم ڪن جيئن جيئمسٽ ڪائونسل اڻ ڌريو فيصلو ڪري سگهي، بشير قريشي

وڪي اخبار کان

9 نومبر 2006

جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳوڻي چيئرمين بشير قريشي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته تنظيمي معاملن تي احتجاجن جو سلسلو ختم ڪيو وڃي ته جيئن جيئمسٽ ڪائونسل اڻ ڌريو فيصلو ڪري سگهي. هن اها ڳالهه پير ڳوٺ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي.

فائل:Jsqm leaders.jpg
بشير قريشي ۽ احمد مجتبا ملاقات وقت (فوٽو: روزانه هلچل)

ذريعن مطابق بشير قريشي جسقم جي سينئر اڳواڻ احمد مجتبا راشدي سان پير ڳوٺ ۾ تنظيمي معاملن بابت ملاقات ڪئي آهي.

بشير قريشيءَ جو چوڻ هو ته هنن استعفا رضاڪارانه طور ڏنيون آهن. هن جو چوڻ هو ته جسقم هميشه سنڌ جي آجپي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي.

جسقم جي سينئر اڳواڻ احمد مجتبا راشدي چيو ته جسقم خلاف سازش ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪارڪن هڪٻئي سان تڪرارن ۾ مصروف هجن ۽ انهن جي هڪٻئي سان نفرت وڌي. هن چيو ته جلد ڪانگريس گهرائي تنظيمي بحران ختم ڪيو ويندو.

ذريعا