ڪالاباغ ۽ ڀاشا ڊيم مان فائدو صرف پنجاب کي ٿيندو، عالمي بئنڪ
هي خبر تڪراري آهي ڇاڪاڻ ته خبر جا ذريعا يا حوالا نه ڏنا ويا آهن.
عالمي بئنڪ چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ۽ ڀاشا ڊيم جو فائدوبه منگلا ۽ تربيلا وانگر پنجاب کي ٿيندو، ڪالا باغ ڊيم جي ماحولياتي ۽ سماجي خطرن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ ڀاشا ڊيم جي اڏاوت ۾ ڪي وڏا خطرا ناهن، عالمي بئنڪ اهڙو اظهار ”سنڌو درياءَ جي پاڻي جو بهتر انتظام“ جي عنوان سان جوڙيل رپورٽ ۾ ڪيو آهي، جيڪا سڀاڻي عالمي بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان به دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي، جيڪي تيزي سان گهٽجندڙ پاڻي جي مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن، ملڪ اندر نوان ڊيم جتي پاڻي جي کوٽ ختم ڪندا، اتي آمدني جو وسيلو پڻ بڻجندا، پر ان کان وڌيڪ اهم 1991 واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائڻ ۽ اداراتي سڌارا آڻڻ آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ اندر نوان وڏا ڊيم هر حال ۾ اڏڻا پوندا، پر اصل مسئلو اهو آهي ته پهريائين ڪالا باغ ڊيم اڏيو وڃي يا ڀاشا ڊيم، ان لاءِ مختلف معاملن کي ڌيان ۾ رکڻو پوندو، ٻنهي ڊيمن جي ماحولياتي، سماجي، معاشي، مالي، حفاظتي، فني رخن کي نظر ۾ رکندي، ڪو فيصلو ڪرڻو پوندو، ڪالاباغ ڊيم جا ماحولياتي ۽ سماجي خطرا موجود آهن، پر ان جي ڀيٽ ۾ ڀاشا ڊيم جا ماحولياتي ۽ سماجي خطرا موجود ناهن، ڪنهن به ڊيم جي اڏاوت وقت انهن خطرن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته تربيلا ۽ منگلا جي اڏاوت کانپوءِ ڪنهن نئين ڊيم جي اڏاوت ۾ 30 سال ڇو لڳا، ان سوال جو جواب به ڏاڊو سولو آهي ته ڪالا باغ ڊيم هجي يا ڀاشا ڊيم ٻنهي ڊيمن جي اڏاوت جو فائدو به تربيلا ۽ منگلا وانگر پنجاب کي ٿئي ها، تنهن ڪري تڪرار جي ڪري ڪو ٻيو ڊيم نه ٺهي سگهيو، رپورٽ ۾ عالمي بئنڪ سفارش ڪئي آهي ته پاڻي جا نوان ذخيرا سرحد ۽ بلوچستان ۾ تعمير ڪيا وڃن.