ڪراچي جا ٻيٽ پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪرڻ خلاف احتجاج، بشير قريشي ۽ ٻين جي شرڪت

وڪي اخبار کان

پريس ڪلب ڪراچي اڳيان ٻن ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪرڻ خلاف سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا.

مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اها سنڌ جي ماهيگيرن خلاف سازش آهي، عيد کان پوِءِ حڪومت جي ان فيصلي خلاف اثرائتي تحريڪ هلائي ويندي.

مظاهري کي بشير قريشي، محمد علي شاهه، علي حسين چانڊيي، قمر ڀٽي، ۽ ٻين خطاب ڪيو. احتجاجي جلسي ۾ ڪافي تعداد ۾ عورتن پڻ شرڪت ڪئي.

ياد رهي ته فشر فوڪ طرفان گهرايل ڪانفرنس ۾ پ پ، متحده مجلس عمل، عوامي تحريڪ پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو هو انهن مان ڪنهن به مذڪوره مظاهري ۾ شرڪت نه ڪئي.

ذريعا