ڪراچي جي ٻيٽن تي رهندڙ ماهيگيرن کي ٻن ڏينهن اندر ٻيٽ خالي ڪرڻ جو حڪم

وڪي اخبار کان
فائل:Islands sindh sold.jpg
ٻيٽن تي ڪم شروع (فوٽو: عوامي آواز)

9 ڊسمبر 2006

وڪرو ڪيل ڪراچي جي ٻيٽن تي تعميراتي ڪم جو آغاز ٿي چڪو آهي ان سلسلي ۾ ٽريڪٽر ۽ بلڊوزر وغيره ٻيٽن تي پهچايا ويا آهن. ٻيٽن جي ماهيگيرن کي ٻن ڏينهن اندر ٻيٽ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

ياد رهي ته وفاقي حڪومت ڪراچي ڀرسان موجود ٻن ٻيٽن ڀنڊار ۽ ڏنگي کي عرب امارات جي هڪ ڪمپني کي سنڌين جي ڀرپور احتجاج باوجود وڪرو ڪري ڇڏيو آهي.

ان منصوبي کي ڊائمنڊ سٽي جو نالو ڏنو ويو آهي. ٻارنهن هزار ايڪڙ تي مشتمل ان رهائشي اسڪيم ۾ پورٽ قاسم اٿارٽي جا پندرهن سيڪڙو شيئرز هوندا.

سنڌي اخبار عوامي آواز طرفان ڪرايل سروي ۾ رسول بخش پليجي چيو ته سرڪار ۽ ان جو اتحادي ٽولو سنڌ جي ٻيٽن کي نيلام ڪري صدين کان رهندڙ ماڻهن کي زبردستي لڏائي رهيو آهي.

ٻئي طرف ٻيٽن جي رهواسين چيو آهي ته ٺيڪيدارن اسان جون پنجاهه جهڳيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون آهن. اهي به اطلاع آهن ته پاڪستان جي وردي پوش ۽ سادن ڪپڙن پاتل اهلڪارن زوري ڳوٺ خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهلڪارن ماڻهن تي تشدد ڪري کين زخمي ڪري ڇڏيو. اطلاع آهن ته ڪاروائي بعد ماڻهن اها رات سيءُ ۾ بنا اجهي جي گذاري.

ذريعا