ڪراچي ٻيٽن بابت سرڪاري دعوا غلط ثابت، ٻيٽن تي آبادي موجود آهي

وڪي اخبار کان

سرڪار جن ٻيٽن کي خالي ڄاڻائي انهن کي دبئي جي هڪ تعميراتي ڪمپني حوالي ڪرڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي ان بابت انڪشاف ٿيو آهي ته مذڪوره ٻيٽن تي ماهيگيرن جو قديم وسنديون آباد آهن.

سنڌي اخبار عوامي آواز مطابق ڀنڊار ٻيٽ تي سوين سالن کان قديم آبادي ۽ قديمي قبرستان موجود آهي جنهن کي خالي ڄاڻايو ويو هو. جڏهن ته زمين جي ايراضي تي پڻ اختلاف آهن اها ايراضي 12 هزار ايڪڙ ظاهر ڪئي وئي هئي پر اصل ۾ اها 35 هزار ايڪڙن تي مشتمل آهي.

سياسي ۽ سماجي تنظيمن ۽ ٻيٽن جي رهواسين سخت مزاحمت جو اعلان ڪيو آهي، ڌرين چيو ته عيد کان پوءِ ملڪ گير احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

ذريعا