ڪراچي ۾ ايڪسپو سينٽر ۾ نمائش

وڪي اخبار کان

ڪراچي ۾ ايڪسپو سينٽر ۾ فيشن شو.. رپورٽ: زبير زرار منگي..

ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ فيشن شو دوران سياري واري موسم جي لباسن جو نماءُ ڪيو ويو، جنهن جي ڪيٽ واڪ ۾ ٽاپ ماڊلس حصو ورتو. ايڪسپو سينٽر جي هال ۾ فيش شو دوران پاڪستاني ٽاپ ماڊلس جينز، ليڌر جئڪٽس ۽ ٻيا سياري جي موسم ۾ استعمال ٿيندڙ لباس پهري ريمپ تي ڪيٽ واڪ ڪيو. فيشن شو ۾ ڏيهي ڪمپنين جي تيار ڪيل جديد ۽ عالمي معيار جي لباسن جي نماءَ ۾ شهرين دلچسپي جو اظهار ڪيو. ايڪسپو سينٽر ۾ چئن ڏينهن تائين جاري رهندڙ عالمي نمائش جي موقعي تي هرروز فيش شوز ٿيندا، جن ۾ مختلف موسمن واري عالمي معيار جي لباسن جو نماءُ ڪيو ويندو.