ڪراچي ۾ رهندڙ ڌارين کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم، هڪ هفتي جو الٽيميٽم

وڪي اخبار کان

13 نومبر 2006

اين اين آءِ جي رپورٽ مطابق ڪراچي ۾ رهندڙ غيرقانوني پرڏيهين کي هڪ هفتي اندر ملڪ ڇڏڻ لاءِ چيو ويو آهي. انهن پرڏيهين جو واسطو ڀارت، افغانستان، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن سان آهي.

چيو ويو آهي ته انهن جي ويزا جو مدو پورو ٿي وڃڻ باوجود اهي پنهنجن ملڪن ڏانهن نه ويا آهن ۽ مختلف علائقن ۾ روپوش ٿي ويا آهن. خدشو ڏيکاريو ويو آهي ته اهي ئي ماڻهو ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

ذريعن مطابق ڪراچي ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو پڻ موجود آهن جيڪي مختلف ملڪن مان غيرقانوني طور سرحدون ٽپي سنڌ ۾ داخل ٿيا ۽ ڪراچي ۾ رهن پيا. جيڪڏهن اهي ماڻهو ڪراچي مان هڪ هفتي جي اندر ملڪ ڇڏي نه ويا ته انهن کي آپريشن ذريعي گرفتار ڪري قانوني چاره جوئي ڪئي ويندي.

ذريعا