ڪراچي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي ڪامريڊ حسن ناصر جي ورسي تي مظاهرو

وڪي اخبار کان

Cautionهن خبر ۾ حوالا يا ڪيٽگريز صحيح طور ڏنل نه آهن تنهنڪري هي خبر تڪراري آهي. نوٽيس ختم ڪرڻ لاءِ درستگين جي ضرورت آهي.


ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي ڪاميٽي جي ميمبر ۽ جنرل ايوب جي آمريت خلاف مزدورن، هارين، مظلوم قومن ۽ عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي 13 نومبر 1960ع تي شاهي قلعي لاهور ۾ شهادت ماڻيندڙ ڪامريڊ حسن ناصر جي ورسي جي موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جي سامهون هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪميونسٽ پارٽي طرفان هن مظاهري جي اڳواڻي پارٽي جي صوبائي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال ۽ ڪراچي جي سيڪريٽري ڪامريڊ ڪلثوم جمال ڪئي.

احتجاجي مظاهري ۾ اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندي وردي پوش حڪمرانن تي لعنتون وڌيون ويون، حقيقي جمهوريت قائم ڪرڻ لاءِ عوامي جدوجهد جا نعرا لڳايا ويا. سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪرڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪندي مطالبا ڪيا ويا ته اهي معاهده رد ڪيا وڃن، بلوچستان ۾ فوجي آپريشن بند ڪرڻ ۽ بلوچ عوام جي قاتلن کي سزا ڏيڻ جا مطالبا ڪيا ويا.