ڪشميري ويڙهاڪن انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ امن ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو

وڪي اخبار کان

ڪشميري ويڙهاڪ گروپ حزب المجاهدين انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ امن ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. انهن جو چوڻ آهي ته انهن ڳالهين ۾ ڪابه نئين ڳالهه نه آهي. ڪشميرين کي صرف اهي ڳالهيون منظور آهن جنهن ۾ ٽائيم فريم ڏئي ڪشمير جو مسئلو مستقل بنيادن تي حل ڪيو وڃي.

ٻئي طرف فن لينڊ جي ايلچي نومينن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته يورپي يونين ڪشمير مسئلي تي انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ٽياڪڙي وارو ڪردار ادا نه ڪندي.

ياد رهي ته جولاءِ 2006 بمبئي ۾ ٿيل ريل ڌماڪن کان پوءِ اهي ڳالهيون تعطل جو شڪار هيون جنهن ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا، جڏهن ته ڪنهن به ڪشميري ويڙهاڪ گروپ انهن ڌماڪن جي ذميواري قبول نه ڪئي هئي.

ذريعا