ڪشمير جي نوجوانن کي ويڙهه بجاءِ پرامن سياست ذريعي حق وٺڻ طرف راغب ڪيو ويندو، ياسين ملڪ

وڪي اخبار کان

27 نومبر 2006

جمون ڪشمير لبريشن فرنٽ جي سربراه ياسين ملڪ چيو آهي ته ڪشمير جي نوجوانن کي ويڙهه بجاءِ پرامن سياست ذريعي حق وٺڻ طرف راغب ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته لبريشن فرنٽ بندش هيٺ آيل پارٽي نه آهي تنهنڪري سياسي طريقن سان حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي. ياد رهي ته ياسين ملڪ ماضيءَ ۾ ويڙهه جي طريقن جي حمايت ڪندو رهيو آهي.

ياسين ملڪ چيو ته ڪيترن ئي ادارن سروي ڪيا آهن انهن مطابق 85 سيڪڙو ڪشميري آزادي چاهين ٿا.

ذريعا